اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ ??بي?? چيو آهي ته ڪامياب جوان پروگرام جي ??ريعي نوجوانن کي روزگار جي فراهمي جو عمل جاري آهي، قرض حاصل ڪندڙ نوجوانن جي ??عداد ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي، وزيراعظم عمران خان نوجوانن کي بااختيار ۽ باعزت روزگار جي فراهمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، سڄي ملڪ ۾ ڪامياب جوان پروگرام جي ??ريعي قرض ورهائڻ جو عمل تيز ڪيو ويو آهي. مملڪتي وزير فرخ ??بي?? پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته نوجوانن ۾ 22 ارب روپين کان وڌيڪ جي ??قم ورهائي وئي آهي، نجي ??ئنڪن کي قرض جي ورهاست ۾ ايندڙ رڪاوٽون فوري ختم ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو آهي، حڪومتي سطح تي منصوبي جي ??فافيت ۽ ميرٽ جي مڪمل نگراني ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته ڪامياب جوان پروگرام نوجوانن کي روزگار جي فراهمي جو سب کان وڏو حڪومتي منصوبو بڻجي چڪو آهي، پاڪستاني جاب مارڪيٽ ۾ ڪامياب نوجوان جو اضافو خوش آئنده آهي. نوجوانن کي وسيلن جي هڪجهڙي فراهمي لاءِ حڪومت جي پاليسي واضح آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي ويزن جي ??ڪميل تائين نوجوانن جي ??ڪومتي مدد هر سطح تي جاري رکنداسين، هن چيو ته پروگرام ۾ غير جانبداري، ميرٽ ۽ شفافيت تي ڪامياب جوان پروگرام جو سربراهه عثمان ڊار مبارڪباد جو مستحق آهي.