استنبول – 16 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ تعاون جا وسيع امڪان موجود آهن، ترڪ واپاري ۽ سيڙپڪار پاڪستان جي ??ار??بار دوست ماحول مان فائدو کڻندي انفارميشن ٽيڪنالاجي، کاڻين جي کوٽائي، واپار، صن??ت ۽ سياحت جي شعبن ۾ سيڙپ??ار?? ڪن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ترڪي جي ناليوارين ڪمپنين جي ??ار??باري وفدن سان ملاقات دوران ڪيو، جنهن استنبول ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد صن??تي گروپن سان گڏوگڏ توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، صحت ۽ اليڪٽرانڪس سميت مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ترڪ ڪمپنين جي چيئرمين/ سي اي اوز تي ٻڌل هو. شرڪت ڪندڙن زورلو انرجي، ارسيلڪ، ايڪزاڪاب هولڊنگ، ويريپارڪ، ٽوبيساد (ترڪ انفارميٽڪس انڊسٽري ايسوسيئيشن) ۽ ٻاهرئين اقتصادي لاڳاپا بورڊ جي ترڪي پاڪستان بزنس ڪائونسل (ٽي پي بي سي) شامل هئا. جيو اڪنامڪس تي پاڪستان جو ڌيان اجاگر ڪند?? صدر پاڪستان ۾ سيڙپڪار دوست ماحول ۽ ??ار??باري برادري کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ حڪومت پاران کنيل قدمن طرف ڌيان ڇڪرايو. وفد جي مختلف ميمبرن صدر کي پنهنجي لاڳاپيل ??ار??بار ۽ ممڪنه منصوبن بابت پڻ ٻڌايو جيڪي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ غيرملڪي سيڙپ??ار?? وڌائڻ لاءِ شروع ڪري سگهجن ٿا، ترڪ واپارين پاڪستان کي پنهنجو روانگي واپار وڌائڻ ۾ مدد لاءِ پنهنجي مهارت ۽ مشاورتي مدد جي آڇ ڪئي. وفد صدر کي پاڪستان ۾ موجود ترڪ سيڙپ??ار?? کي درپيش مسئلن کان پڻ آگاهه ڪيو جڏهن ته صدر ??نه?? مسئلن جي جلد حل جي خاطري ڪرائي.