اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته والاريل ڪشمير ۾ حالتون معمول تي اچڻ تائين ڀارت سان ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن، ڪشمير جي آزادي تائين پاڪستان ۾ ڪير سک سان نه ويهندو، ڀارت جي سمورين سازشن جي باوجود پاڪستان مضبوط ٿي رهيو آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪڍيل ريلي کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي قيادت ۾ پارليامينٽ هائوس کان ڊي چوڪ تائين ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير ڊاڪٽر بئريسٽر فروغ نسيم، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، سي ڊي اي معاملن واري خاص معاون علي نواز اعواڻ سميت ٻين وفاقي وزيرن ۽ پارليامينٽ ميمبرن کانسواءِ سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي. ريلي جي موقعي تي سائرن وڄايا ويا ۽ هڪ منٽ جي لاءِ خاموشي اختيار ڪئي وئي. ريلي کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اڄ جي ڏينهن 2 سال اڳ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جو استحصال ڪيو ويو. ڀارت پنهنجي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪري ڇڏيو. پاڪستان ڀارت جي ان قدم سان اتفاق نه ٿو ڪري. هن چيو ته ڀارت جي ورڇ جنهن تي اصول تي ٿي هئي ۽ ان جي نتيجي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وجود ۾ آيا هئا، ڀارت ڪشمير ۾ ان اصول کي پائمال ڪيو. ان اصول موجب والاريل ڪشمير پاڪستان جو حصو بڻجڻو هو. هن چيو ته ڪشميري عوام تي ڊوگرا راڄ ?? جيڪي ظلم ڪيا ويا ڀارت انهن ظلمن جو سلسلو اڄ به جاري رکيو آه??. هن چيو ته ڪشميرين کي پيلٽ گنز سان نشانو بڻايو وڃي ٿو. هزارين ڪشميري پنهنجي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ شهادت ماڻي چڪا آه??. هزارين عورتون بيواهه ٿيون آه??. ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جو بازار گرم ڪري رکيو آه??. هن چيو ته گڏيل قومن پنهنجي قراردادن ۾ ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏيڻ جو واعدو ڪيو آه??. ڪشميرين کي گڏيل قومن جي انهن قرادادن جي ڏس ۾ انهن جي خودمختياري جو حق ملڻ گهرجي. دنيا ان معاملي تي خاموشي اختيار ڪري ورتي پر ڪشميري ان تي خاموش نه ويٺا. هر ڪشميري ٻار پنهنجي پيدائش کانپوءِ ڀارتي ظلمن جي خلاف پنهنجو آواز بلند ڪري ٿو. هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم دنيا جون اکيون کولڻ جي لاءِ ڪافي آه??. آزاد ڪشمير ۾ صورتحال پرامن آه??. ميڊيا آزاد آه??. سفارتڪارن کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حالتن جي جائزي لاءِ اتان جو دورو ڪرايو ويو. بئي طرف ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ميڊيا کي وڃڻ نه ٿو ڏنو وڃي. والاريل ڪشمير جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پوءِ به آزادي جو جهنڊو بلند ڪيل آه??. ڪشمير جي آزادي تائين پاڪستان جو ڪو به شخص سک سان نه ويهندو. ڪشميرين پنهنجي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڊگهي جدوجهد ڪئي آه??. صدر چيو ته وزيراعظم عمران خان عالمي فورمن تي ڪشميرين جو ڪيس وڙهيو. پاڪستان ۽ ڪشميري عوام گڏيل قومن تي اعتماد جو اظهار ڪيو پر ڀارت گڏيل قومن جي قراردادن کي پٺتي ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آه??. 30 کان 40 لک غيرڪشميرين کي ڪشمير جو ڊوميسائيل جاري ڪيو ويو. ڀارت ان قدم جي ذريعي اتي حالتون تبديل ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته ڀارت پنهنجي ملڪ ۾ اقليتن سان انسان سوز سلوڪ ڪري رهيو آه?? ۽ اهو ئي سلوڪ ڪشميرين سان به ڪري رهيو آه??. هن ڀارت کي خبردار ڪندي چيو ته ڀارتي سازشن جي باوجود پاڪستان هڪ مضبوط ملڪ بڻجي اڀري رهيو آه??. پاڪستان ڪشميرين کي آزادي ڏياري رهندو. هن چيو ته ڀارت باهه سان کيڏي رهيو آه??. ڀارت ۾ غربت تمام وڌيڪ آه??. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي موجوده حڪومت امن جي خواهش ڪئي پر پاڪستان ڪشمير ۾ حالتون معمول تي اچڻ تائين ڀارت سان ڳالهيون نه ڪندو. جيستائين ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي کنيل قدم واپس نه ٿو وٺي ان وقت تائين ڳالهيون نه ٿينديون. ريلي جي پڄاڻي تي شهيدن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي.