اسلام آباد – 05 جون (??ي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪ جي بدانتظامي جي خلاف شڪايت تي بينڪنگ محتسب پاران مناسب ڪارروائي نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي معاملي تي قانون ۽ انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب لاهور جي رهواسي عورت ر??بي انوار ??بي?? بئنڪ ۾ پنهنجي اڪائونٽ مان 140000 روپين جي رقم بنا اجازت منتقل ڪرڻ ۽ بئنڪ جي بدانتظامي تي ڪا به ڪارروائي نه ٿيڻ جي شڪايت ڪئي، هن بئنڪنگ محتسب کي پنهنجي شڪايت ۾ ٻڌايو ته لاڳاپيل بئنڪ جي سامهون ان بدانتظامي جو معاملو اٿاريو ويو پر کيس ڪو به رليف نه ڏنو ويو. بئنڪنگ محتسب مناسب جاچ کانسواءِ ۽ شڪايت ڪندڙ کي ٻڌڻ کانسواءِ ڪيس بند ڪري ڇڏيو جنهن ت?? شڪايت ڪندڙ بئنڪنگ محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر کي اپيل ڪئي.