اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو آهي ته وزيراعظم ??مر??ن خان بلوچستان جي گم ٿيل ماڻهن جي 3 رڪني ڪميٽي سان ملاقات ڪئي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو ته اها ڪميٽي ??ذر??ل مهيني ڌرڻو هڻندڙ 13 خاندانن جي نمائن??گي ڪري رهي آهي، وزيراعظم ??مر??ن خان ان موقعي تي پنهنجي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان کي ٽاسڪ ڏنو ته هو فوري طور تي انهن گم ٿيل ماڻهن جي درست صورتحال معلوم ڪري. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ڪميٽي کي اڳڀرائي کان آگاهه رکيو ويندو.