لاهور – 15 – جنوري (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان جي صدار?? ۾ ??نجاب ۾ زر??ي پيداوار جي صلاحيت ۾ اضافي ۽ ويليوچين جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد حماد اظهر، مخدوم خسرو بختيار، پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان احمد بوزدار، صوبائي وزيرن سيد حسين گرديزي، محمد سبطين خان، وڏي وزير جي اطلاعات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. پنجاب جي وڏي وزير جي صلاحڪار ڊاڪٽر سلمان شاهه زر??ي پيداوار ۾ وزير??عظ?? جي ويزن موجب اضافي ۽ ويليو چينز جي فروغ ج?? حوالي سان تجويزن تي بريفنگ ڏني. وزير??عظ?? کي آبادگارن جي مالي مدد جي لاءِ آبادگار ڪارڊ جاري ڪرڻ تي به بريفنگ ڏني وئي. وزير??عظ?? هدايت ڪئي ته پنجاب حڪومت زر??ي پيداوار جي صلاحيت ۽ معيار کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ هر زر??ي پروڊڪٽ جي ويليو چين جي لاءِ ڌار ۽ جامع ايڪشن پلان جوڙي.