اسلام آباد – 23 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عورتن کي اقتصادي، سماجي ۽ قانوني لحاظ کان بااختيار بڻائڻ معاشري جي لاءِ اهميت رکندڙ آهي، ملڪي آئين ۽ قانونن ?? عورتن جي حقن جي حوالي سان ڪوبه شڪ شبهو نه آهي، بنيادي معاملو عورتن جي حوالي سان قانون لاڳو ڪرڻ ۽ عملي قدمن جو آهي، عورتن جي حوالي سان آئيني گهرجن ۽ قانونن تي عملدرآمد ضروري آهي. اه??ن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ عورتن کي قانوني، اقصادي ۽ معاشرتي لحاظ کان بااختيار بڻائڻ جي گرينڊ قومي مڪالمي جي شروع ٿيڻ تي خصوصي ڪا??فر??س جي افتتاحي سيشن کي پنهنجي خطاب ۾ ڪيو.