اسلام آباد – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته ڊيجيٽل پاڪستان ويزن اصل ۾ هڪ مضبوط ۽ مستحڪم پاڪستان جو اهم سنگ ميل آه??، موجوده حڪومت نه رڳو عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهي آه?? پر قرضن ۽ معاشي ??سئلن ۾ ڦاٿل ملڪ کي استحڪام ڏيڻ جي لاءِ انقلابي قدم کڻي رهي آه??. انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت پاران جاري پڌرائي موجب هن اها ڳالهه انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت تحت يونيورسل سروس فنڊ پاران جاز ۽ يو فون کي ڏنل پراجيڪٽ جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي ??اص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي چئي. معاهدي تي يو ايس ايف جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر حارث محمود چوڌري، يو فون جي سي اي او راشد خان ۽ جاز ج?? سربراهه عامر ابراهيم صحيحون ڪيون.