اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسرائيل کي تسليم نه ڪرڻ جي ??زيراعظم عمران خان جي ??اليسي بيان جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اسان فلسطين مسئلي جو ٻه رياستي حل جا حامي آهيون، ڪشميرين کي ڪڏهن به اڪليو نه ڇڏينداسين، ڀارت هر معاهدي ۽ عالمي قانونن جي خلاف ورزي ڪئي ??هي، ڀارت جي ??وجوده هندو توا فاشٽ پاليسي قائم نه رهندي پر ڪشمير جلد آزاد ٿيندو، سعودي عرب سان لاڳاپا مستحڪم آهن ۽ رهندا، سول ۽ عسڪري قيادت، سمورا ادارا ۽ ميڊيا هڪ پيج تي آهن، اسان سڀ قانوني، معاشي ۽ معاشرتي انصاف چاهيون ٿا، اسان ڪرپشن تي ٺاهه ڪرڻ نٿا چاهيون، اسان چاهيون ٿا ته ترقي جي عمل ۾ ڪا به رڪاوٽ نه هجي، مشڪل حالتن جي باوجود معيشت ڪاميابي طرف گامزن آهي، موڊيز ۽ فچ پاڪستان جي ??عاشي درجا بندي کي بهتر بڻايو آهي، ديامر ڀاشا ڊيم جي تڪميل سان ملڪي توانائي ??ون ضرورتون پوريون ٿينديون، ايم ايل ون منصوبي سان تيز ترين سفري سهولتون ميسر اينديون، تعليم جي ??روغ، صحت ڪارڊ ۽ هڪجهڙي قومي نصاب جي تياري حڪومت جا اهم قدم آهن، آبادي ۾ تيزي سان اضافي جي ڪري قومي وسيلن تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، اسلام جي اصولن موجب عورتن جي حق وراثت جي ??اسداري کي يقيني بڻائڻ گهرجي، وفاقي ۽ صوبائي ??ڪومت جي تعاون سان ڪراچي جي ??سئلن تي ضابطو آڻي سگهجي ??و، قوم دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ ٻين چئلينجن تي ڪاميابي سان ضابطو آندو آهي، ڪورونا صورتحال دوران ڪمزور طبقن لاءِ رليف پڪيج قابل ستائش قدم آهي. خميس ڏينهن ٽئين پ??رل??اماني سال جي آغاز تي پ??رل??امينٽ جي ??نهي ايوانن جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ٻي پ??رل??اماني سال جي تڪميل تي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، مون کي اڄ ٽيون ڀيرو ان عظيم پ??رل??امينٽ جي گڏيل اجلاس کي مخاطب ٿيڻ جو اعزاز حاصل ٿي رهيو آهي ۽ آئون ان تي الله تعاليٰ جو ٿورائتو آهيان. صدر چيو ته قومن جي زندگي ۾ ڪجهه لمحا اهڙا هوندا آهن جيڪي پنهنجي اثرن سان تاريخ جي ڌارا موڙي ڇڏيندا آهن، پاڪستان به اهڙي ئي هڪ موڙ تي آهي، اهو بهترين موقعو آهي ته ويجهي ماضي جي ??اقعن تي هڪ نظر وجهندي گذريل هڪ سال جو تجزيو ڪريون ۽ ڏسون ته ڇا سکيو، ڇا ڪيو؟ سٺو يا خراب ڪيو ۽ ڇا ڪرڻو آهي؟ ۽ مستقبل جي رستن جو تعين ڪريون. هن چيو ته ٽي شيون دهشتگردي جو مقابلو، افغان پناهگيرن ۽ پنهنجي اندر انتهاپسندي جو مقابلو اهڙيون آهن جنهن جي تفصيلن کان توهان سڀ واق?? آهيو ۽ انهن چئلينجز تي پوري قوم ڪاميابي سان ضابطو آندو آهي. پاڪستان 35 لک افغان پناهگيرن جي ??يزباني ڪئي ??ڏهن ته اسان کي انسانيت جو سبق ڏيندڙ ملڪ پرڏيهين کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن،انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستاني عوام قومي بڻجي سامهون آئي، قوم، پاڪستاني فوج ۽ سياستدانن کي انهن ڪاميابين تي مبارڪباد ڏيان ٿو.