پشاور – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان پشاور ۾ بي آر ٽي منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو. وزيراعظم عمرا?? خان پشاور جو دورو ڪيو جتي هن بي آر ٽي منصوبي جو افتتاح ڪيو. خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير محمود خان، خيبرپختونخواهه جو گورنر شاهه فرمان کانسواءِ ????اع وارو وفاقي وزير پرويز خٽڪ، مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير پير نورالحق ۽ صوبائي وزير پڻ ان مو??عي تي موجود هئا. وزيراعظم عمرا?? خان کي ان مو??عي تي منصوبي بابت بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته بي آر ٽي جي مڪمل ٿيڻ سان پشاور ۽ ڀرپاسي جي شهرين کي جديد سفري سهولتن جي فراهمي ممڪن ٿيندي. افتتاحي تقريب چمڪني ڊپو ۾ ٿي. بي آر ٽي جو ٽريڪ 27 ڪلوميٽر آهي، بي آر ٽي جو في اسٽاپ ڪرايو 10 رپيا جڏهن ته مڪمل سفر 50 رپين م ٿيندو. هڪ اسٽيشن کان ٻي اسٽيشن جو فاصلو 850 ميٽر آهي. حڪومت پاران بي آر ٽي بس ۾ سفر جي لاءِ ??هرين ۾ رڳو 3 ڏينهن ۾ 80 هزار ڪارڊ مفت ورهايا ويا آهن. بي آر ٽي منصوبي تي ڪم جي شروعات آڪٽوبر سال 2017ع ۾ ٿي.