اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 75 هين اجلاس جي نئين چونڊيل صدر وولڪن بوذڪر ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم عمران خان ??ولڪن بوذڪر کي گڏيل قومن جي 75 هين تاريخي اجلاس جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ وزيراعظم کيس ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ??ي سنگين صو??تح??ل کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته اهو تڪرار 7 ڏهاڪن کان گڏيل قومن ??ي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي آهي. وزيراعظم 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بنيادي ۽ انساني حقن جي وڏي پئماني تي ۽ منظم انداز سان ڪيل خلاف ورزين ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي صو??تح??ل ۽ ڀارت پاران علائقي جي ڊيموگرافڪ اسٽرڪچر کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش بابت پڻ آگاهه ڪيو. هن زور ڏنو ته گڏيل قومون ان سنگين صو??تح??ل ۽ گڏيل قومن ??ي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ??شميري عوام کي انهن جي خودمختياري جو هق ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. وزيراعظم کيس ڪوويڊ 19 جي وبا جي معاشي ۽ سماجي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت پاران کنيل قدمن، جنهن جو مقصد عوام جي زندگي بچائڻ سان گڏ انهن کي زندگي جون ضرورتون فراهم ڪرڻ ۽ معيشت جو ڦيٿو هلائڻ پڻ هو بابت پڻ آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته سندس حڪومت معاشري جي ضرورتمند ۽ مستحق طبقن جي لاءِ 8 ارب ڊالر امدادي پئڪيج ڏنو. اهو پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪنهن حڪومت پاران ڏنو ويندڙ سڀ کان ??ڏو سماجي تحفظ جو پئڪيج هو.