اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ مسلسل گهٽتائي اچي رهي آهي، عيدالاضحيٰ جي موقعي تي عوام کي ڪورونا کان بچاءُ جي لاءِ ضابطه ڪار تي سختي سان عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي ا??س او پيز تي عملدرآمد جاري رکيو وڃي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عيدالاضحيٰ سادگي سان ملهائي وڃي، ائين نه ٿئي جو جهڙي طرح گذريل عيد ۾ ا??س او پيز کي نظر انداز ڪيو ويو ۽ اسان جا اسپتال ڪورونا مريضن سان ڀرجي ويا، هن حڪومت طرفان طئي ڪيل ا??س او پيز تي سختي سان عملدرآمد ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پاڪ??تا?? خوش قسمتي سان انهن ملڪن ۾ شامل آ??ي جتي ڪورونا جي مريضن جي موت جي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي، انتهائي نگهداشت ۽ وينٽي ليٽرز تي به مريضن جي تعداد ۾ گهٽتائي آئي آ??ي جڏهن ته بدقسمتي سان اسان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ اها شرح تمام گهڻي آهي.