اسلام آباد – پهرين اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرونا وا??رس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال هڪ آزمائش آهي، اسان جي قوم گڏجي ان جو مقابلو ڪندي ۽ هڪ عظيم قوم بڻجي اڀرندي، ملڪ جي غريب ۽ ڪمزور طبقن جو ??صوصي خيال رکڻو پوندو، ان مقصد لاءِ ڪرونا رليف فنڊ ۽ ٽائيگر فورس جو ڪردار گهڻو اهم آهي، عوام ڊسيپلين قائم ڪري ۽ يقين رکي ته انهن جو پئسو ضايع نه ٿيندو. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن اي آر وا??ِ نيٽ ورڪ طرفان وزيراعظم کي ڪرونا رليف فنڊ جي حوالي سان ٽيلي ٿو?? ٽرانسميشن جي دوران ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڪرونا وا??رس سبب پوري دنيا ۾ غير معمولي صورتحال پيدا ٿي آهي اهو ڏکيو وقت ضرورت آهي پر مون کي يقين آهي ته اسان جي قوم ان آزمائش مان هڪ عظيم قومي بڻجي اڀرندي. هن چيو ته ڪا به جنگ حڪومت ا??يل?? سر نٿي کٽي سگهي، ان جي لاءِ پوري قوم جو گڏ هجڻ لازمي آهي ۽ ڪرونا وا??رس جي خلاف جنگ به قوم متحد ٿي وڙهندي. ان مقصد لاءِ اسان سڀني کي پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.