اسلام آباد – 21 نومبر (اي پي پي) وز??راعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وز??راعظم عمران خان جي ڏاهپ واري قيادت ۾ حڪومت اسلوب حڪمراني جي نظام ۾ ٺوس سڌارا متعارف ڪرائي رهي آهي، حڪومت اظهار ج?? آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي، حڪومت ملڪ ۾ آزاد ۽ ذميوار ميڊيا جي فروغ جي لاءِ سهولتون فراهم ڪرڻ جو سلسلو جاري رکندي، معاشري جي واچ ڊاگ هجڻ جي ناتي ميڊيا جي ڪردار کي ساراهيون ٿا ۽ ميڊيا کي ملڪ ۾ جمهوريت جي مضبوطي ۽ فروغ جي لاء?? لازمي سمجهون ٿا. هن اها ڳالهه جرمني جي عالمي نشرياتي اداري ڊوئچي ويلي جي ڊائريڪٽر ج??رل پيٽر ليمبورگ سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي.