اسلام آباد – 16 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ??هي ته حڪومت نواز شريف جي صحت تي هر مرحلي تي آساني فراهم ڪئي، حڪومت نواز شريف جي صحت جو معاملو ڪابينا ۾ کڻي وئي، افسوس ان ڳالهه جو ??هي ته شوئرٽي بانڊ تي واويلا ڪئي وئي، وزيراعظم جي ڪوششن سان ملڪ معاشي استحڪام طرف وڌي رهيو آهي، معاشي ٽيم جي محنت ۽ جذبي سان معيشت کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو ويو آهي، نواز شريف جي حوالي جيڪو فيصلو آيو ??هي ان ۾ به عدالت شوئرٽي گهري ??هي جيڪو وڌيڪ آئيني ۽ ق??نو??ي حلفنامو آهي، شريف خاندان حڪومت جي خيرسگالي جي جذبي کي ساراهڻ بدران الزام بازي شروع ڪري ڇڏي، نواز شريف جو انساني ۽ ق??نو??ي مسئلو ??هي سياسي نه بڻايو وڃي، شريف خاندان سدائين پنهنجي واعد?? جي خلاف ور??ي ڪئي آهي، ماضي ۾ به شريف خاندان پنهنجي ڪيل معاهدن تان ڦرندو رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اٽارني جنرل انور منصور خان سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.