اسلام آباد – 03 جون (اي پي پي) ايسوسيئيشن پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مسع??د ملڪ ترڪيءَ سان ميڊيا جي شعبي ۾ ت??اون ۾ اضافي جي لاءِ عملي قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن هتي ترڪ نيوز ايجنسي اناطولو جي ريجنل ڊائريڪٽر يلمازيامن جيڪو ترڪ نيوز ايجنسي جي نئين عل??ئق??ئي آفيس جو افتتاح جي لاءِ هتي آيو آهي، ان سان ڳالهائيندي هن چيو ته ترڪ نيوز ايجنسي جي نئين ريجنل آفيس سان ٻنهي ڀائرن ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبي ۾ ٻطرفي تعاون وڌڻ ۾ مدد ملندي. مئنيجنگ ڊائريڪٽر مسع??د ملڪ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اي پي پي جي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي.