پيانگ يانگ -13 نومبر (اي پي پي) اتر ڪوريا چيو آهي، ته روس سان اسان جي گڏيل لاڳاپن ۾ هٿي ڏيڻ هڪ حقيقت آهي ۽ آمريڪا کي ان حقيقت کي تسليم ڪرڻ گهرجي. اتر ڪوريا جي سرڪاري خابرو ايجنسي مطابق اتر ڪوريا پرڏيهي وزارت آمريڪا جي پرڏيهي وزير انٽوني بلنگڪن طرفان اتر ڪوريا ۽ روس جي گڏيل لاڳاپن تي تنقيد خلاف رد عمل ج?? اظهار ڪندي جاري ڪيل ب??ان ۾ چيو ته انٽوني بلنڪن جو بيان هڪ دفعو ٻيهر تصديق ڪري ڇڏي آهي ته آمريڪا ٻن خودمختيار حڪومتن جي گڏيل لاڳاپن ۾ هٿي وٺائڻ بابت ابهام جو شڪار آهي. هن چيو ته روس ۽ اتر ڪوريا وچ ۾ وڌندڙ لاڳاپا هڪ حقيقت آهن ۽ آمريڪا کي ان حقيقت جو ??اد?? ٿيڻ گهرجي ڇو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا هاڻي ??ان پوءِ وڌيڪ جاري رهندا.