اسلام آباد- 11 جنوري (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير چوڌ??ي سالڪ حسين سان مصر جي مفتي اعظم ڊاڪٽر نظير محمد عياد جي اڳواڻي ۾ هڪ اعليٰ س??حي وفد ملاقات ڪئي ۽ انتهاپسندي، شدت پسندي جي خاتمي، بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تعاو?? وڌائڻ تي اتفاق ڪيو، مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگ واري وزارت ??ان جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن دنيا ۾ مذهبي عدم برداشت جي وڌندڙ رجحان، دهشتگردي، امن جي قيام ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان مختلف تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفاقي وزير چوڌ??ي سالڪ حسين چيو ته پاڪستان ۽ مصر تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي رشتن ۾ ڳنڍيل آهن جيڪي ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن. هن زور ڀريو ته مسلم ملڪن کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ مذهبي هم آهنگي، رواداري ۽ وحدت کي هٿي ڏني وڃي. وفاقي وزير چيو ته دنيا ۾ امن جي قيام لاءِ مذهبن ۽ تهذيبن وچ ۾ ڳالهين جي سخت ضرورت آهي. پاڪستان ۽ مصر کي بين المذاهب ۽ بين الثقافتي ڳالهين ذريعي دنيا ۾ مذهبي هم آهنگي، امن ۽ برداشت کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، ملاقات ۾ پاڪستان ۽ مصر سان اقتصادي، واپاري، ثقافتي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. مصر جي مفتي اعظم چيو ته مسل??ان امت کي دهشتگردي جا خطرا درپيش آهن جنهن جي ازالي لاءِ گڏيل لائحه عمل تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، مصري مفتي اعظم چيو ته پاڪستان پنهنجي عالمن کي مصر موڪلي ته جيئن اهي دنيا جي قديم ترين درس گاهه جامعه الازهر جي تجربن ۽ تعليم ??ان فائدو حاصل ڪ??ي سگهن. هن چيو ته موجوده دور جي علم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ جامعه الازهر جو پاڪستان ۾ ڪيمپس کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وفاقي وزير چوڌ??ي سالڪ حسين جامعه الازهر جي پاڪستان ۾ ڪيمپس کولڻ جي فيصلي جي آجيان ڪئي، ملاقات ۾ انتهاپسندي، شدت پسندي جي خاتمي ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تعاو?? وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.