اسلام آباد-25 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستاني قوم پاڪستان جي باني قا??داعظم محمد علي جناح جو 148هون جنم ڏڻ ڀرپور حب الوطني جي جذبي، عقيدت ۽ احترام سان ملهايو. ڏينهن جي شروعات سڄي ملڪ جي مسجدن ۾ پاڪستان جي ترقي، خوشحالي ۽ اتحاد لاءِ خاص دعائن سان ٿي. سرڪاري ۽ نجي عمارتن تي قومي جهنڊا ڦڙڪايا ويا، جيڪي پنهنجي محبوب اڳواڻ لاءِ گهري احترام ۽ شڪر جي علامت آهي. ڪراچيءَ ۾ قا??داعظم جي مزار تي باباءِ قوم کي خراجِ عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ گارڊز جي تبديلي جي پُروقار تقريب منعقد ٿي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ خاص تقريبن ۽ سرگرمين جو بندوبست ڪيو ويو، جنهن ۾ سيمينارز، ڪانفرنسز، مباحثا، ثقافتي تقريبون ۽ نمائشون وغيره شامل هيون. ان موقعي تي قا??داعظم جي جدوجهد ۽ ڪاميابي کي اجاگر ڪيو ويو ۽ پاڪستان لاءِ هڪ ترقي پسند، جامع ۽ جمهوري رياست طور سندس ويزن تي روشني وڌي وئي. اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ قا??داعظم جي قيادت ۽ اتحاد، ايمان ۽ نظم و ضبط جي اصولن تي ڌيان ڇِڪرائي مباحثي، آرٽ جي مقابلن ۽ مضمون نويسي جي مقابلن جو اهتمام ڪيو. ٽي وي ۽ ريڊيو چينلز تي سڄو ڏينهن خاص پروگرام ۽ دستاويزي فلمون نشر ڪيون ويون جن ۾ پاڪستان جي تخليق ۾ قا??داعظم جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪيو ويو. اخبارن ۾ پاڪستان جي باني قا??داعظم محمد علي جناح جي لازوال ميراث ۽ قوم لاءِ بي مثال خدمتن جو ذڪر ڪندي خاص سپليمينٽس به شايع ڪيا ويا. قا??د جي جنم ڏڻ جي موقعي تي پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس پاران پينٽنگ ۽ ڊرائينگ مقابلو جو بندوبست ڪيو ويو، جنهن سان نوجوان فنڪارن کي خراجِ تحسين پيش ڪرڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم دستياب ٿيو، جن پنهنجي تخليقي صلاحيتن ذريعي باباءِ قوم کي ڀرپور انداز ۾ خراجِ عقيدت پيش ڪيو. لوڪ ورثه پاڪستان جي باني، قا??داعظم محمدعلي جناح جي 148هين جنم ڏڻ جي مناسبت سان ڪيترين ئي تقريبن جي ميزباني ڪئي. جن ۾ هٿ سان ڪم ڪندڙ ڪاريگرن جي نمائش به شامل هئي، جنهن ۾ روايتي دستڪارين جي نمائش ڪئي وئي، جڏهن ته ان ڏينهن جي مناسبت سان ڪيڪ ڪاٽڻ جي تقريب جو بندوبست ۽ قا??داعظم کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو ويو، ملي گيتن جي خاص شوز جو بندوبست ڪيو ويو ۽ حب الوطني جا گيت پيش ڪيا ويا. ان کان علاوه سڄو ڏينهن قا??داعظم جي خدمتن تي دستاويزي فلمون پڻ ڏ??کا??يون ويون جيڪي سندس زندگي ۽ ويزن جي باري ۾ بصيرت فراهم ڪن ٿيون. قا??داعظم محمد علي جناح جي جنم ڏڻ تي ??فا??تي سائيڪلنگ ريلي به ان سرگرميءَ جو حصو هئي جيڪا ??فا??ي ڪلب کان مني گولڊ ڪپ تائين ڪڍي وئي. ان کان اڳ گذريل ڏينهن انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ هڪ نمائش جو بندوبست ڪيو ويو جنهن ۾ قا??داعظم جون ناياب تصويرون ۽ پورٽريٽ رکيا ويا هئا، جنهن جو مقصد نوجوان نسل کي ڌار وطن لاءِ سندس يادگار جدوجهد ۽ قربانين بابت آگاهه ڪرڻ ??و. ??مائش دوران قا??داعظم جي زندگي ۽ ڪارنامن تي ٻَڌل هڪ دستاويزي فلم به ڏ??کا??ي وئي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پنهنجي هيڊ ڪوارٽر ۾ ڪرسمس ۽ قا??داعظم محمدعلي جناح جي سالگره جي موقعي تي تقريب جو اهتمام ڪيو. پاڪستانين کي گهرجي ته هو قا??داعظم جي لازوال پيغام تي غور ڪن ۽ چئلينجز تي ضابطو آڻڻ لاءِ اجتماعي طور ڪم ڪن ته جيئن پاڪستان پنهنجي عظيم قا??د جي مقرر ڪيل رستي تي گامزن رهن. خاص طور تي نوجوان نسل جي همٿ افزائي جي ضرورت آهي ته جيئن هو قا??داعظم کي پنهنجو رول ماڊل بڻائين ۽ قوم کي روشن مستقبل جي تعمير لاءِ سندس محنت، ديانت ۽ حب الوطني جي نظرين مطابق هلن. هي ڏينهن آزاديءَ واري جدوجهد دوران ڏنل قربانين جي ياد ڏيارڻ تي ڪم ڪري ٿو ۽ پاڪستان کي ترقي، هم آهنگي ۽ امن طرف وٺي وڃڻ لاءِ قا??داعظم جي اصولن کي برقرار رکڻ جي ضرورت کي هٿي ڏيڻ آهي. پاڪستان جو باني قا??داعظم محمد علي جناح هڪ ممتاز بئريسٽر ۽ سياستدان هو، جنهن 1913ع کان 14 آگسٽ 1947ع تائين پاڪستان جي آزادي جي تحريڪ ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي قيادت ڪئي. پنهنجي پُختي عزم، ديانتداري ۽ انصاف جي عزم جي علامت قا??داعظم پاڪستان جو پهريون گورنر جنرل هو جيڪو 11 سيپٽمبر 1948ع تائين خدمتون انجام ڏيندو رهيو. محمدعلي جناح جي قيادت نه صرف ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ ڌار وطن حاصل ڪيو پر مساوات، آزادي ۽ رواداري تي ٻَڌل هڪ قوم جي بنياد به رکي ۽ اڄ به قا??داعظم محمدعلي جناح جو متحد ۽ خوشحال پاڪستان جو ويزن ملڪ لاءِ رهنمائي جو ڪم ڪري رهيو آهي.