اسلام آباد ??? 05 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي پاران منظور ڪيل قرارداد جي آجيان ڪئي آهي جنهن ۾ اسرائيلي قابض عملدارن کان فلسطيني ??لا??قن مان انخلا ۽ فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پنهنجي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته غزه ۾ نسل ڪشيءَ ختم ??يڻ گهرجي. هن چيو ته فوڊ پوائنٽس، اسپتالن ۽ پناهگيرن جي پناهگاهن سميت شهرين کي انڌاڌنڌ قتل ڪيو پيو وڃي. ترجمان چيو ته ان انساني صورتحال تي فوري طور تي عالمي ڌيان جي ضرورت آهي. شام جي صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي هن چيو ته جاري صورتحال خطي ??ي وڌيڪ عدم استحڪام جو شڪار ڪندي ۽ دهشتگرد ??نظ??من جي حوصلا افزائي ڪندي. هن شام ۾ امن ۽ سلامتي جي فروغ تي زور ڏنو ۽ صورتحال جي بهتري ۽ شام جي اتحاد، خودمختياري ۽ ??لا??قائي وحدت کي برقرار رکڻ جي لاءِ عالمي ڪوششن تي زور ڏنو.