ما??ڪو-03 ڊسمبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغ??ري روس جي ٽرانسپورٽ بابت وزير رومان اسٽارو وائٽ سان ملاق??ت ڪئي جنهن ۾ ٻه ط??فن رابطن کي هٿي ڏيڻ جي اهميت تي زور ڀريو ويو. اهي رابطا نه صرف پاڪستان ۽ روس پر سڄي خطي لاءِ لاڀائتا ثابت ٿيندا. پاور ڊويزن طرفان جاري پريس رليز موجب وفاقي وزير اويس احمد خان لغ??ري ماسڪو ۾ پاڪستان روس بين الحڪومتي ڪميشن جي نائين اجلاس جي گڏيل صدارت لاءِ موجود آهن. اويس لغ??ري پاڪستان ۽ روس وچ ۾ وڌندڙ سهڪار کي ساراهيندي ان کي پوري خطي لاءِ لاڀائتو قرار ڏنو. ٻن??ي اڳواڻن ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ ٻه ط??في سهڪار جي سمورن منصوبن جنهن ۾ روڊ، ريل ۽ فضائي رابطن جو جائزو ورتو. وفاقي وزير، روس جي وزير کي پاڪستان جي دؤري جي دعوت ڏني. ٻنهي ڌُرين رابطن کي جاري رکڻ ۽ سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو.