اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آھي ته خصوصي م??ڻھن جو عالمي ڏھاڙو ياد ڏياري ٿو ته معذور ماڻھن کي برابر جا موقعا ۽ حق فراھم ڪرڻ اسان جي ذميواري آھي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق انھن خيالن جو اظھار ھن خصوصي م??ڻھن جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي پنھنجي پيغام ۾ ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته اھو ڏينھن ياد ڏياري ٿو ته خصوصي م??ڻھن کي برابر جا موقعا ۽ حق فراھم ڪرڻ اسان جي ذميواري آھي، ملڪ ۾ خصوصي م??ڻھن جي ڀلائي لاءِ جامع پاليسيون بڻايون ويون آھن ۽ ان تي عمل ب?? ڪيو پيو وڃي ته جيئن اھي م??ڻھو به ھڪ باعزت ۽ خودمختيار زندگي گذاري سگھن. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته خصوصي م??ڻھن کي ھمٿائڻ، انھن جي قابليت کي قبول ڪرڻ ۽ انھن لاءِ وسيلا ۽ موقعا فراھم ڪرڻ ھڪ مضبوط ۽ ترقي يافته قوم جي نشاني آھي. ھن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسان کي ان ذ??يواري کي بھتر طريقي سان ادا ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.