اسلام آباد-29 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي و??ير سينيٽر محمد اورنگزيب ڊجيٽل معيشت ۽ ڊجيٽل ضم ٿيڻ جي اهميت رکندڙ قرار ڏيندي ان کي ملڪ جي اقتصادي تبديليءَ جو اهم جُز قرار ڏنو آهي. حڪومت رابطن کي بهتر بنائڻ ۽ ڊجيٽل انفراسٽرڪچر کي مضبوط ڪرڻ لا??ِ پُرعزم آهي. اها ڳا??هه هن پاڪستان ۾ نيڪسٽ جنريشن موبائل براڊ بينڊ سروسز جي بهتري لاءِ آءِ ايم ٽي اسپيڪٽرم جي جاري ٿيڻ تي مشاورتي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي و??ير راڻا تنوي?? حسين، آءِ ٽي بابت مملڪتي و??ير شزه فاطمه خواجه، پي ٽي اي چيئرمين، آءِ ٽي وارو سيڪريٽري، قانون واري وزارت جو سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل وزارتن ۽ کاتن جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ کان علاوه آمريڪي ڪنسلٽنٽ فرم نيرا طرفان ڪيل اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو جنهن کي پي ٽي اي نومبر 24ع ۾ پي پي آر اي رولز/اي پي اي ڊي ايس موجب پاڪستان جي مارڪيٽ جو جائزو وٺڻ، ڀائيوارن سان صلاح ڪرڻ، شعبي ۾ سڌارن ۽ ڪام??اب اسپيڪٽرم جي نيلامي لا??ِ پاليسي سفارشون ۽ روڊ ميپ تيار ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو هو. اسپيڪٽرم جي نالي جو عمل ايندڙ سال اپريل تائين مڪمل ڪرڻ جو منصوبو آهي. ناڻي واري و??ير چيو ته حڪومت رابطن کي بهترن بنائڻ ۽ ڊجيٽل انفراسٽرڪچر کي مضبوط ڪرڻ لا??ِ پُرعزم آهي ته جيئن اُڀرندڙ ڊجيٽل ٽيڪنالاجيز ۽ جديد ايپليڪيشنز کي وسيع پيماني تي اختيار ڪرڻ کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته اهي قدم مختلف شعبن ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي، اقتصادي سرگرمين جي تبديلي ۽ جٽادار ترقيءَ جي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا.