اسلام آباد-23 نومبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري ضلعي خيبر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ پاڪ – افغان سرحد تي خوارج خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي ف??رسز کي خراج تحسين پيش ??يو آهي. ان ڪارروائي دوران 3 خوارج مارجي ويا. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب صدر مملڪت افغان سرحد کان مداخلت روڪڻ تي سيڪيورٽي ف??رسز جي بهادري جي واکاڻ ڪندي چيو ته دهشتگردن طرفان پاڪستان جو امن امان خراب ڪرڻ ۽ مداخلت جي ڪوشش ناڪام بڻائ??ند??. صدر مملڪت دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو.