اسلام آباد- 19 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت اقتصادي ترقي کي هٿي ڏيڻ ۽ مالي استحڪام يقيني بنائڻ لاءِ اقتصادي رٿائن ۽ سڌارن جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي، حڪومتي قدمن جي نتيجي ۾ معاشي اهڃاڻ هاڪاري آهن. هن اها ڳالهه پاڪستان ۾ هالينڊ جي سفير هيني ڊي ويريز سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪر?? جي امڪانن ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائ?? جي طريقن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ پاڪستان هالينڊ وچ ۾ پُراڻي دوستي ۽ گڏيل سهڪار جي مختلف رُخن جو به جائزو ورتو ويو. ڌُرين ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار لاءِ کاڻين، آءِ ٽي، تيل ۽ گيس، زراعت، ڊيري فارمنگ ۽ زرعي پيداوار جهڙن ترجيحي شعبن جي نشاندهي ڪئي ته جيئن انهن شعبن ۾ وڌيڪ ڪاروباري سهڪار کي هٿي ڏئي سگهجي ٿي. ناڻي واري وزير هالينڊ جي سفير کي حڪومت جي اقتصادي رٿائن ۽ سڌارن جي ايجنڊا بابت آگاهه ڪندي چيو ته اقتصادي ترقي کي هٿي ڏيڻ ۽ مالي استحڪام کي يقيني بنائڻ لاءِ اهم شعبن ۾ سڌارن جو عمل جاري آهي. هن گذري?? 14 ??هينن ۾ حاصل ڪيل اقتصادي ڪاميابين جو ذڪر ڪيو ۽ معيشت کي جٽادار، روانگي واپار تي ٻَڌل اؤسر جي رستي تي گامزن رک?? جي حڪومت عزم جو ??رج??ءُ ڪيو. ناڻي واري وزير پاڪستان کي درپيش موسمياتي چئلينجن جو به ذڪر ڪيو ۽ سندس ملڪ طرفان موسمياتي فنڊنگ ۽ جٽادار حل ذريعي ماحولياتي مناسبت کي يقيني بنائڻ لاءِ کنيل قدمن تي روشني وڌي. هالينڊ جي سفير پاڪستان ۽ هالينڊ وچ ۾ ٻه طرفن ناتن کي مستحڪم ڪر?? جي عزم جو ??رج??ءُ ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ لاءِ پنهنجي حڪومت جي مڪمل حمايت جي خاطري ڪرائي. هن ٻُڌايو ته ڊچ ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سال جي شروعات ۾ پاڪستان جو دؤرو ڪرڻ واري آهي، جيڪا پاڪستان جي ڪرڪيٽ جي مهارت مان سک?? جي ڪوشش ڪندي. هن ناڻي واري وزير کي پاڪستان جي يورپي يونين سان واپار ۽ ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ لاءِ هالينڊ جي حمايت جو يقين ڏياريو.