اسلام آباد- 19 نومبر (اي پي پي) نيشنل هاءِ ويز اينڊ موٽر وي پوليس هڪ ٻئي خراب ??ه??ز کي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ کان سول ايويشن ٽرينن?? انسٽيٽيوٽ حيدرآباد منتقل ڪرڻ جي حوالي سان اين ??و سي جاري ڪري ڇڏيو. خراب ??هاز بردار ٽريلر (اڄ) 4 وڳي ڪراچي کان حيدرآباد سڌيءَ ريت نيشنل هاءِ وي تان روانو ٿيندو. پاڪستان ايئر پورٽ اٿارٽي موجب خراب ??ه??ز کي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ کان سول ايويشن ٽرينن?? انسٽيٽيوٽ حيدرآباد منتقل ڪيو ويندو، 40 ٽن وزني ايم ڊي 83 جهاز 20 نومبر تي ڪراچيءَ کان حيدرآباد منتقل ڪيو ويندو. ان حوالي سان نيشنل هاءِ وي اينڊ موٽر وي پويلس اين ??و سي جاري ڪري ڇڏيو آهي. خراب ??ه??ز کي کڻي ويندڙ ٽريلر نيشنل هاءِ وي کان ٿيندو اسٽيل ٽائون، بن قاسم ٽائون، گهارو، ٺٽو، حيدرآباد – بدين روڊ ۽ سرمست روڊ کان ٿيندو حيدرآباد ۾ سول ايوي ايشن ٽرينن?? انسٽيٽيوٽ تان پهچندو. هي ايم ڊي-83 جهاز جنهن جي ڊيگهه 150 فوٽ ۽ ان ۾ 172 مسافرن جي ويهڻ جي گنجائش آهي، جيڪو 2011ع کان غير فعال آهي. اهو جهاز پهرين اي ايم سي ايئر لائنز جي ٻيڙي جو حصو هو. ذڪر جوڳي ڳالهه آهي ته سعودي عرب جي شهر تبوڪ کان ڪوئيٽه ويندڙ چارٽرز اُڏام دوران ڪراچي ايئرپورٽ تي هنگامي لينڊنگ ۾ ملوث هو. ايمرجنسي لينڊنگ فرنٽ/نوز لينڊنگ گيئر جي غير مقرريءَ سبب ٿي، مشڪل حالتن باوجود حادثي دوران جهاز ۾ سوار سمورا 74 مسافر محفوظ رهيا. هوائي جه??ز کي تربيتي مقصدن لاءِ سي اي ٽي آءِ حيدرآباد منتقل ڪيو پيو وڃي جتي اهو هوابازي جي تربيت جي معيار کي وڌائڻ لاءِ هڪ عملي وسيلي طور تي ڪم ڪندو.