رياض – 11 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف چيو آهي ته م??لم ورلڊ ليگ جو مسلمانن جي مفادن ۽ مقصدن جي وڪالت ۽ ڀائيچاري، رواداري ۽ گڏيل احترام جي پيغام کي عام ڪرڻ ۽ غزه ۾ جاري ??ڪر??ر ۽ مسلمان دنيا کي درپيش مختلف چئلينجن دوران ڪردار اهم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شه??از شريف سان رياض ۾ م??لم ورلڊ ليگ جي سيڪريٽري جنرل شيخ ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسيٰ ملاقات ڪئي. وزيراعظم م??لم ورلڊ ليگ پاران سڄي دنيا ۾ اسلام جي حقيقي تشخص جي فروغ جي لاءِ نمايان ڪم کي ساراهيو. هن تنظيم جي ڪم کي اڳتي وڌ??ئڻ ۽ امت جي اتحادن جي فروغ جي لاءِ سيڪريٽري جنرل جي قيادت کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته م??لم ورلڊ ليگ جو مسلمانن جي مفادن ۽ مقصدن جي وڪالت ۽ ڀائيچاري، رواداري ۽ گڏيل احترام جي پيغام کي عام ڪرڻ ۾ اهم ڪردار آهي. هن چيو ته م??لم ورلڊ ليگ جو غزه ۾ جاري ??ڪر??ر ۽ م??لم دنيا کي درپيش ٻين مختلف چئلينجن دوران ڪردار خاص طور تي اهم آهي. وزيراعظم سيڪريٽري جنرل جي تازي پاڪستان جي دوري جو ذڪر ڪندي چيو ته هو مختلف منصوبن ۽ قدمن جي جلد تڪميل جا منتظر آهن جن جي ٻنهي پاران منصوبابندي ڪئي وئي آهي. هن پاڪستان ۾ سيرت ميوزيم قائم ڪرڻ جو خاص طور تي ذڪر ڪندي چيو ته اهو عظيم الشان منصوبو حضرت محمد ﷺ جي زندگي ۽ تعليم جي مختلف رخن کي اجاگر ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن چيو ته انهن منصوبن جي ذريعي م??لم ورلڊ ليگ نوجوان نسل جو ڌيان ڇڪرائي رهي آهي ۽ جديد ترين ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز جي ذريعي اسلام جي لازوال پيغام کي ڦهلائي رهي آهي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته سيڪريٽري جنرل جي پاڪستان جي ايندڙ دوري ۾ جاري منصوبن جي رفتار ۽ تيزي سان عملدرآمد کي اڳتي وڌ??يو ويندو. م??لم ورلڊ ليگ جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان ۽ مسلمان امت جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ وزيراعظم جي عزم ۽ ڪوششن کي ساراهيو. هن سعودي عرب جي تازي ڪامياب دورن تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني.