سرينگر- 05 نومبر (اي پي پي) ڪنٽرول لائن جي ٻنھي پاسي ۽ سڄي دنيا ۾ رھندڙ ڪشميري اربع 6 نومبر تي ڄمون ڪش??ير جي شهيدن جو ڏهاڙو ملھائيندا ۽ خودارايت واري حق کي حاصل ڪرڻ تائين شھيدن جي مشن کي جاري رکندا. ڪش??ير ميڊيا سروس مطابق مھاراجه ھري سنگھه جي فورسز، ڀارتي فوج ۽ هندو پرستن ڄمون جي مختلف علائقن ۾ ان وقت لکين ڪشميري جو قتل عام ڪيو جڏھن ڪشميري نومبر 1947ع جي پھرين ھفتي ۾ پاڪستان ڏانھن ھجرت ڪري رھيا ھئا. ڪنٽرول لائن جي ٻنھي پاسي ۽ سڄي دنيا ۾ يوم شھ??اءِ ڄمون ملھائڻ لاءِ سمورن انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي آھي. شھ??اءِ ڄمون کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ آزاد ڄمون ڪش??ير ۽ سڄي پاڪستان ۾ ڀارت خلاف مظاھرا، سيمينارز ۽ سمپوزيم منعقد ڪيا ويندا. ڪشميري شھيدن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ مختلف، سياسي، مذھبي ۽ عوامي تنظيمن طرفان خاص دعائن جون تقريبون منعقد ڪيون ويون آھن. ٻئي پاسي ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن شھ??اءِ ڄمون کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪيوآھي. انھن چيو ته ڪشميري ڊگھي عرصي کان ڀارت جي قبضي مان آزادي لاءِ بي مثال قربانيون ڏئي رھيا آھن ۽ اھو ڏينھن پري ناھي جڏھن ڄمون ڪش??ير ۾ آزادي جو سج اڀرندو. ھنن عالمي برادري تي زور ڀريو ته معصوم ڪشميرين تي ظلم بند ڪرائڻ ۽ ڪش??ير جي تڪرار کي ڪشميرين جي اميدن ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل ٺھرائن مطابق حل ڪرڻ لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وڌائي. حريت جي اڳواڻن چيو ته ڄمون ۾ قتل عام مسلمانن جي نسل ڪشي جي شروعات ھئي جيڪا اڃا تائين مسلسل جاري آھي. هنن چيو ته ڀارت پاران قتل عام ڪرڻ جو مقصد علائقي جي آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ ھو. ان دوران ڪش??ير ڪا??ون??ل اي يو ڪي جي چيئرمين علي رضا سيد شھ??اءِ ڄمون کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آھي ته ڄمون جي شھيدن پنھنجون جانين جو نذرانو پيش ڪري قربانيءَ جو عظيم مثال قائم ڪيو ۽ سموري علائقي ڄمون ڪش??ير ۾ حريت جي جذبي کي سٺي انداز ۾ اجاگر ڪيو آھي. علي رضا سيد برسلز ۾ شھ??ائي ڄمون جي حوالي سان ھڪ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اسان شھ??اءِ ڄمون جي قربانين کي ڪڏھن وساري نه ٿا سگھون، جن پنھنجون جانيون پيش ڪري ڄمون ڪش??ير جي ماڻھن جي ھمٿ ۽ حوصلي کي وڌيڪ مضبوط ڪيو.