اسلام آباد-04 نومبر (اي پي پي) پاڪستان جديد ريلوي سان ايران، چين ۽ وچ ايشيائي ملڪن سان واپاري راهداري ذريعي ڳنڍجي سگهجي ٿو، جڏهن ته گهٽ خرچ ۽ تيز ترين ڪارگو سروس يقيني بڻائڻ سان پاڻ ريلوي جو ادارو منافعي بخش بڻجي ??گه?? ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ريلو?? جي موجوده ٽريڪ ۽ ان سان ڳنڍيل اهم معاملن جو جائزو وٺڻ لاءِ فوڪل گروپ جي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو جنهن ۾ مواصلات، ريلوي، انڊسٽريز جي وفاقي سيڪريٽرين، نيشنل هاءِ وي اٿارٽ?? جي چيئرمين ۽ ٻين سينيئر آفيسر ن بريفنگ ڏني. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته چين ۽ روس پاڪستان ريلو?? جي انفراسٽرڪچر کي بهتر بنائڻ ۾ سيڙپڪاري ڪري ??گه?? ٿا ۽ ريلوي ۾ بهتري آڻڻ لاءِ قرض نه نجي شعبي کي سيڙپڪار?? جي آڇ ڪنداسين ته جيئن مالياتي بار وڌائڻ بدران اداري کي مستحڪم ڪري سگهجي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته عارضي رليف نه اسان کي ريلو?? جي بهتريءَ لاءِ لانگ ٽرم رٿابند?? جي ضرورت آهي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ريلوي سسٽم جي اپ گريڊيشن لاءِ ٽرين ٽريڪ کي محفوظ، مضبوط ۽ تيز بڻائڻو پوندو. وفاقي وزير ريلوي کاتي ۽ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي وچ ۾ التوا معاملن کي تيزيءَ سان اُڪلائڻ جي هدايت ڪئي. فوڪل گروپ جي اجلاس ۾ مختلف کاتن جي سيڪريٽرين ۽ ٻين سينيئر آفيسرن پڻ بريفنگ ڏني ۽ ريلوي کات?? جي بهتريءَ جي حوالي سان مختلف تجويزون پيش ڪيون.