ڪراچي-31 آڪٽوبر (اي پي پي)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان سميت سڄي دنيا جي هندو برداريءَ کي ڏياري جون واڌايون پيش ڪندي چيو آهي ته ??ي روشنين جو ڏڻ اتحاد ۽ ام?? جي علامت آهي جيڪو پاڪستا?? جي مختلف ثقافتي ورثي ۾ اونهائي سان جُڙيل آهن. بلاول هائوس ميڊيا سيل طرفان جاري بيان موجب پ پ چيئرمين پاڪستا?? جي هندو ۽ شيڊولڊ ڪاسٽس برادريءَ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي ملڪي ترقيءَ ۾ سندن تمام گهڻي ڪردار کي ساراهيو آهي. سندس چوڻ هو ته ڏياري اونڌائي تي روشني جي فتح جو جشن آهي. پ پ چيئرمين پنهنجي پارٽيءَ جي پُختي عزم کي ورجائيندي چيو ته پاڪستان ۾ سمورين اقليت?? جي حقن جو تحفظ ڪيو ويندو ۽ کين پنهنجا ڏڻ وقار ۽ آزاديءَ سان ملهائڻ جو حق حاصل رهندو. هن چيو ته ڏياري جو ڏڻ اميد، حوصلي ۽ شفقت جهڙن قدر?? جي نمائندگي ڪري ٿو. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پ پ ملڪ ۾ هڪ اهڙي معاشرتي ماحول کي هٿي ڏيڻ لاءِ سرگرعمل عمل آهي جتي هر شهري، چاهي سندس مذهب ڪهڙو به هجي، گڏيل احترام ۽ هم آهنگي جي ماحول ۾ ترقي ڪري سگهي.