رياض – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان گڏيل لاڀائتي تعاون جي لاءِ ويٽنام سان پنهنجي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ ??ن چيو ته ??ٺين فيوچر انويسٽمنٽ انيشي ايٽو ڪانفرنس جي موقعي تي ويٽنام جي وزيراعظم فام من چن سان ملي خوشي ٿي. ??ن چيو ته ??سان جي ڳالهه ٻولهه واپار، سيڙپڪاري ۽ ماڻهن جي وچ ۾ مٽاسٽا کي وڌائ?? تي مرڪوز هئي، اسان آسيان سان پاڪستان جي تعاون کي مضبوط بڻائڻ سميت علائقائي تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان گڏيل لاڀائتي تعاون جي لاءِ ويٽنام سان پنهنجي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي.