اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف ع??ي زرداري پنجگور ۾ هٿياربندن ج?? فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪندي دهشتگرد حملي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر واقعي ۾ مارجي ويلن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ ??يو ته دهشتگرد ملڪي ترقي ۽ صوبي جي خوشحالي جا دشمن آهن. صدر ??يو ته دهشتگرد بلوچستان کي ترقي ڪندي نه ٿا ڏسڻ چاهين. هن حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. صدر مارجي ويلن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.