اسلام آباد -15 آڪٽوبر (اي پي پي) شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن واري اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ترڪمانستان جي ??ابينه جو نائب چيئرمين راشد ميريدوف گذريل ڏينهن اسلام آباد پهچي ويو آهي. اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ??عل??م، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي ۽ ٻين اعليٰ اختيارين سندس شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي روايتي ل??اس پهريل ٻارڙن معزز مهمان کي گلدستا پيش ڪيا. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ خيرسگالي جون ڳالهيون ٿيون. ترڪمانستان جي ??ابينه جي نائب چيئرمين راشد ميريدوف سان گڏ اعليٰ سطحي وفد به هو.