رياض – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پا??ست??ن ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ سيڙپڪاري، واپاري معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشن جا مثبت ??تيجا سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن، پاڪ – سعودي مضبوط اقتصادي حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار سعودي سيڙپڪاري واري وزير انجنيئر خالد بن عبدالعزيز الفالح ۽ سعودي شاهي ديوان جي صلاحڪار محمد بن التويجري سان ملا??ات دوران ڪيو. ملا??ات ۾ دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، نجڪاري وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، پيٽروليم وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ موجود هئا. ملا??ات ۾ پا??ست??ن ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ مختلف اقتصادي قدمن تي ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. سعودي سيڙپڪاري واري وزير جي 9 کان 11 آڪٽوبر تي نجي شعبي جي هڪ وڏي وفد گڏ پا??ست??ن جي تازي دوري جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته دوري دوران پا??ست??ن ۾ صحيحون ڪيل مفاهمتي يادداشتن جي ٺوس سيڙپڪاري ۽ واپاري معاهدن جي شڪل ۾ مثبت ??تيجا سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن. وزيراعظم پاڪ – سعودي مضبوط اقتصادي حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ جي رفتار کي جاري رکڻ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پا??ست??ن سان مضبوط اقتصادي تعاون جي ڪوششن ۽ عزم تي سعودي وزير خالد الفالح جا ٿورا مڃيا. هن سعودي عرب جي ويزن 2030ع جي پس منظر ۾ ٻنهي ملڪن جي لاءِ موجود اقتصادي موقعن مان ف??ئدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.