اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صا??ق سان بر??انوي پارليامنٽ جي ميمبر محمد ياسين اڱاري ڏينهن ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي اسپيڪر اياز صا??ق چيو ته پاڪستان جا بر??انيه سان پراڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن، پاڪستاني حڪومت ۽ عوام بر??انيه سان خوشگوار لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي راهه تي گامزن آهي. پاڪستان بر??انيه سان پارلياماني ۽ اقتصادي سهڪار سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. ٻنهي ملڪن جي پارليامانن وچ ۾ ڳالهه ٻولهه سان مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌيڪ مستحڪم ٿيندو. هن چيو ته بر??انيه ۾ رهندڙ پاڪستاني بر??انيه جي قومي ترقي ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. پاڪ- بر??انيه پارلياماني ف??ين?? شپ گروپ ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. بر??انوي پارليامنٽ ميمبر چيو ته بر??انيه پاڪستان سان پنهنجي تاريخي ۽ پراڻن لاڳاپن کي اهميت ڏئي ٿو. پارلياماني ف??ين?? شپ گروپس جي پليٽ ??ار?? سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط پارلياماني لاڳاپن کي وڌيڪ وسعت ملندي، پاڪستان جو ترقي طرف سفر انتهائي تعريف جوڳو آهي.