اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سڄي ملڪ مان بهترين ٽيلينٽ جي عالمي سطح تي پا??ستان جي نمائندگي هڪ اعزاز آهي، حڪومت ملڪ ۾ فٽ بال جي راند جي واڌويجهه جي لاءِ مڪمل مدد ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن تازو ئي ناروي ۾ پا??ستان جي نمائندگي ڪندڙ بهترين ڪارڪردگي رکندڙ اسٽريٽ چائلڊ فٽ بال ٽيم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪپتان محمد عديل، ٽاپ اسڪورر محمد ڪ??شف?? ٽيم مئنيجر سيد محمد اويس، مسلم هينڊز جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سيد جا??يد گيلاني، ڊائريڪٽر گلوبل آپريشنز ارسلان نصرت، ڪميونيڪشن ڊائريڪٽر محمد ريحان طاهر پڻ موجود هئا. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، چيئرمين وزيراعظم يوٿ پروگرام راڻا مشهود احمد خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم ۽ بدر شهباز سان گڏوگڏ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته پا??ستان اسٽريٽ چائلڊ فٽ بال ٽيم جا رانديگر پوري دنيا ۾ پا??ستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن، توهان سڀ رانديگر پا??ستان جا روشن ستارا آهيو، توهان جي بهترين ڪارڪردگي ان ڳالهه جي گواهي ڏي ٿي ته پا??ستاني نوجوانن کي موقعو ملي ته اهي پوري دنيا ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائين ٿا. هن چيو ته حڪومت پوري طرح سان توهان جي مدد ڪندي، پا??ستان ۾ فٽ بال جي ترقي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين، تمام جلد پا??ستان ۾ فٽ بال جي ترقي جي لاءِ هڪ جا??ع پلان لاڳو ڪرڻ جي شروعات ڪنداسين. وزيراعظم مسلم هينڊز جي پا??ستان اسٽريٽ چائلڊ فٽ بال جي ترقي جي لاءِ قدمن کي ساراهيو. رانديگرن وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم کي مسلم هينڊز پاران پا??ستان ۽ سڄي ??نيا ۾ اسٽريٽ چائلڊ فٽ بال جي لاءِ قدمن تي بريفنگ پڻ ڏني وئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ترجيحي بنيادن تي محڪماڻي راندين کي مڪمل طور تي بحال ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.