اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري مي??ر عزيز ڀٽي شهيد (نشان حيدر) کي سندس شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ان موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پوري قوم مي??ر عزيز ڀٽي جي بي مثال قرباني ۽ بهادري کي سلام پيش ڪري ٿي. هن چيو ته مي??ر عزيز ڀٽي 1965ع جي پاڪ ڀارت جنگ ۾ دشمن جي سامهون انتهائي بهادري سان ڄمي قوم جي ??فا?? جو فرض سرانجام ڏنو، ملڪ جي حفاظت جي لاءِ پنهنجي جان قربان ڪرڻ تي پوري قوم پنهنجي هيرو کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. صدر چيو ته مي??ر عزيز ڀٽي جي لا??وا?? قرباني اسان جي لاءِ هڪ روشن مثال آهي. اسان ان ڳالهه جو وچن ورجايُون ٿا ته اسان به پنهنجي ملڪ جي لاءِ هر ممڪن قرباني ڏيڻ جي لاءِ تيار رهنداسين. صدر مي??ر عزيز ڀٽي شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.