اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف سينيئر اينڪر ۽ صحافي عاصمه شيرازي ۽ سچ ٽي وي جي عاصم شيرازي جي وڏي ڀاءُ محسن شيرازي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مرحوم جي مغفرت ۽ گهرڀاتين ج?? لاءِ صبر ج??يل جي دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ مرحوم جي گهرڀاتين سان گڏ آهيون. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جا درجا بلند ۽ سندس گهرڀاتين کي صبر ج??يل عطا فرمائي.