اسلام آباد-30 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته بلوچستان ۾ ڪوبه آپريشن ناهي ٿي رهيو، 26 آگسٽ جو واقعو معمولي واقعو ناهي، اسان کي ڄاڻ آهي ته ان پٺيان ڪي?? آهي، هي ايس سي او سربراهه ڪانفرنس کي نقصان پهچائڻ جي سازش آهي، جيڪي رياست کي نٿا مڃين ۽ بندوق کڻن ٿا اهي دهشتگرد آهن، اسان انهن جو بندوبست ڪنداسين. ڪا??هه سينيٽ اجلاس ۾ بلوچستان جي صورتحال تي مختلف ميمبرن جي اعتراض واري نقطي جو جواب ڏيندي گهرو وزير چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد لاءِ جيڪي فيصلا ٿيا آهن ايپڪس ڪميٽي ان جو جائزو وٺي رهي آهي ۽ صوبن ۽ لاڳاپيل ادارن سان ڪوآرڊينيشن ڪري ٿي، پارليامينٽ سپريم آهي ۽ سپريم رهندي، ان ۾ ڪنهن کي به ڪو شڪ نه هئڻ گهرجي. هن چيو ته وزيراعظم ڪوئيٽه ۾ موجود هو، سمورين ڌ??ري?? سان سندس ملاقات ٿي ۽ انهن کان راءِ به ورتي وئ??. هن چيو ته جيڪي ماڻهو پاڪستان رياست کي تسليم ڪن ٿا انهن کي مانُ ڏنو ويندو، هو اسان لاءِ انتهائي محرم آهن، انهن سان اختلاف به ٿي سگهن ٿا، انهن اختلافن کي ختم ڪرڻ جي پهرين به ڪوشش ڪئي سين ۽ هاڻ به ڪنداسين پر جيڪي ماڻهو رياست کي نٿا مڃين ۽ بندوق کڻن ٿا هو اسان لاءِ دهشتگرد آهن ۽ ان جو اسان بندوبست ڪنداسين، بلڪل واضع هئڻ گهرجي ۽ اسان سڀني کي گڏ ٿيڻ گهرجي، جيڪي رياست خلاف ويندا انهن خلاف اسان سڀ گڏ هونداسين. گهرو وزير چيو ته جيستائين بلوچستان جي مسئلن جي ڳا??هه آهي وزيراعظم سي ٽي ڊي لاءِ 5 ارب رپيا مختص ڪي?? آهن، هر ڊويزن لاءِ هڪ هڪ ارب رپيا ڌار رکيا ويا آهن جيڪي مقامي ايم پي اي، ايم اين ايز سان گڏجي مقامي ماڻهن جي مسئلن لاءِ حل ڪي?? ويندا. هن چيو ته صوبي ۾ وفاقي ??ڪومت جي آفيسرن جي کوٽ آهي، ان سلسلي ۾ هڪ پاليسيءَ جو اعلان ڪيو ويو آهي، آفيسرن جي مقرري ڪئي ويندي. گهرو وزير چيو ته پهرين به بلوچستان جو دؤرو ڪري چڪا آهيون، هڪ درجن کان وڌيڪ فيصلا ٿيا آهن، ننڍن مسئلن کي اسان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. 26 آگسٽ جي رات جو جيڪو واقعو ٿيو، اهو معمولي واقعو ناهي، ان جي باقاعده منصوبا بندي ڪئي وئ??، دهشتگرد تنظيمن گڏجي اها دهشتگردي ڪئي آهي. بچاءَ وارو وزير به واضع ڪري چڪو آهي ته اسان کي خبر آهي ته ان پٺيان ڪي?? آهي، ايس سي او ڪانفرنس کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئ??، ڇاڪاڻ ته ڪي??رن ئي ڌ??ري?? کي ان جي تڪليف آهي، هي انهن خلاف به سازش آهي. هن چيو ته اسان ڪوشش ڪنداسين ته سڀني سياسي ڌ??ري?? کي اعتماد ۾ وٺون. بعد ۾ سينيٽر جان محمد، سينيٽر بلال احمد خان، سينيٽر زرقا سهروردي تيمور ۽ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ به پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو.