اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) مختلف مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ ناليوارين علماءِ و مشائخ جو عظيم الشان قومي علماءِ ڪنوينشن، ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ معاشري مان نفرت ۽ تشدد جي خاتمي لاءِ آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ عالمن جي اهم ڪردار جو اعتراف ڪندي عالم سڳورن ۽ مشائخ تي زور ڏنو ويو ته اهي بنيادي اسلامي ق??رن ۽ اصولن موجب پروپئگنڊه، جعلي خبرن ۽ غلط معلومات جي روڪٿام ۾ فعال ڪردار ادا ڪن. تقريب جو خاص مهمان وزيراعظم محمد شهباز شريف هو جڏهن ته آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير اعزازي مهمان هو. ڪالهه خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسلام امن جو مذهب آهي ۽ امن اسلام جو بنياد آهي، اهو ??سا?? کي گڏيل بقاءَ جو درس ڏي ٿو نه ڪي ڇڪتاڻ جو، ??سا?? کي انهن اسلامي ق??رن کي مضبوطي سان بر??رار رکڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان محبت، همدرديءَ ۽ قبوليت جي اصولن تي ق??ئم آهي. مختلف ثقافتن، مذهبن ۽ نسلن تي ٻڌل ??سا?? جو تنوع ??سا?? جي طاقت آهي، اچو ??سا?? پنهنجي اختلافن جو ادراڪ ڪريون ۽ پنهنجي منفرد سڃاڻپ جو جشن ملهايون. وزيراعظم بهادر سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي پڻ خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ??سا?? انهن ماڻهن کي سلام پيش ڪريون ٿا جيڪي ملڪ جي لاءِ سڀ کان وڏي ق??باني ڏئي قوم جي حفاظت جي لاءِ روزانو پنهنجي جانين کي خطري ۾ وجهن ٿا، ??سا?? پنهنجي شهيدن جي ق??بانين جو احترام ڪريون ٿا جن ملڪ جي دفاع جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن. وزيراعظم عالمن ۽ مشائخ تي زور ڏنو ته اهي بنيادي اسلامي ق??رن ۽ اصولن موجب پروپئگنڊه، جعلي خبرن ۽ غلط معلومات جي روڪٿام ۾ فعال ڪردار ادا ڪن. هن نوجوانن کي ق??آن ۽ سنت جي تفهيم ۽ ڪردارسازي سان گڏوگڏ تعليم ۽ فني مهارتن طرف رهنمائي ڪرڻ ۾ عالمن ۽ مشائخ جي ڪردار جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. فورم متفقه طور تي ڀارت جي غيرقانوني ق??ضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميرين جي خلاف جاري ظلمن ۽ غزه ۾ جاري غيرانساني تڪرار تي گهري ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ان کي انسانيت جي خلاف ڏوهه قرار ڏنو.