اسلام آباد-01 آگسٽ (اي پي پي) پارليامينٽ ۾ قائم عورت پارليامينٽ ميمبرن جي گروپ ويمن ڪاڪس جي ڪنوينر ڊاڪٽر شاهده رحماني سان پارليامينٽ هائوس ۾ پاڪستان ۾ اقليتن ل??ءِ قومي لا??نگ وفد ملاقات ڪئي، وفد ۾ ڪرشن شرما، جئه پرڪاش ??ور??ڻي، ڊاڪٽر ڪلياڻ سنگهه، رومانه بشير، پرڀو ستياڻي، پشپا ڪماري، حب ڪوڪ گل، شهزاد فرانسيس ۽ هارون سربديال ??امل هئا. ملاقات ۾ مذهبي اقليتن کي درپيش مختلف سماجي، اقتصادي ۽ ثقافتي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ايجنڊا جي ٻن اهم نقطن هندو ميريج ايڪٽ ۽ برابر ملڪيتن جي حقن جي ايڪٽ تي ڌيان ڏنو ويو جيڪو 1973ع جي آئين تحت مذهبي اقليتن جي حقن جي ضمانت ڏي ٿو. وفد ڊاڪٽر شاهده رحماني طرفان ملندڙ تعاون تي اطمينان جو ??ظه??ر ڪيو ۽ قانون سازي جي عمل ۾ ڊبليو پي سي کي مڪمل تعاون فراهم ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو. وفد چيو ته ڊاڪٽر شاهده رحماني قانونسازي ۽ بيورو ڪريٽڪ سطح تي اقليتي گروپن جي عورتن ل??ءِ ڊبليو پي سي جي حمايت کي يقيني بڻايو. هن پاڪستان ۾ اقليتي گروپن کان عورتن جي تحفظ ل??ءِ صوبن ۾ قانونسازي جي عمل کي جاري رکڻ جي تصديق ڪئي.