اسلام آباد – 28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي جي م??ڪ گير مهم شروع ڪر?? جو اعلان ڪندي چيو آهي، ته هيپاٽائيٽس جي روڪٿام، سڃاڻپ ?? علاج لاءِ ترت ڪم ڪر?? جي ضرورت آهي، حڪومت هيپاٽائٽس جي ڪري درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ لاءِ پرعزم آهي، هيپاٽائٽس سي جي خاتمي واري پروگرام تحت پاڪستان جي هر شهري کي هيپاٽائٽس سي جي لاءِ اسڪريننگ ?? علاج جي سهولتن تائين مفت رسائي حاصل هوندي. وزيراعظم چيو ته اسان کي ان بيماري کي ختم ڪر?? ۽ سڀني لاءِ صحتمند مستقبل کي يقيني بنائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪر?? جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊي?? ونگ مان جاري پريس رليز موجب هيپاٽائٽس کان آگاهي جي عالمي ڏينهن جي م??قعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هلندڙ سال هيپاٽائٽس جي عالمي ڏينهن جو عنوان آهي ”هي عمل جو وقت آهي“ اسان کي ياد ڏياري ٿو ته اسان کي هيپاٽائٽس جي روڪٿام، سڃاڻپ ?? علاج لاءِ ترت ڪم ڪر?? جي ضرورت آهي. اڄوڪو ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته اسان کي هيپاٽائٽس جي خاتمي جي حوالي سان قدمن ۾ دير نه ڪر?? گهرجي، اسان کي سڀني لاءِ صحتمند مستقبل کي يقيني بنائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪر?? جي ضرورت آهي. هن چيو ته هيپاٽائٽس هڪ خاموش وبا آهي جيڪا سڄي دنيا ۾ لکين ماڻهن کي متاثر ڪري ٿي جنهن سان جگر ۾ سوج پيدا ٿئي ٿي ۽ جيڪڏهن ترت علاج نه ٿئي ته امڪاني طور شديد پيچيدگيون پيدا ٿي سگهن ٿيون، پاڪستان ۾ آبادي جو وڏو حصو هيپاٽائٽس سي انفيڪشن سبب متاثر آهي. عالمي سطح تي 60 ملين هيپاٽائٽس سي ڪيسز مان 10 ملين متاثرن جا ڪيسز پاڪستان ۾ موجود آهن، خدشو آهي ته جيڪڏهن وائرل هيپاٽائٽس جي روڪٿام ۽ خاتمي لاءِ ضروري قدم نه کنيا ويا ته اسان جگر جي ڪينسر جي وبا به ڏسي سگهون ٿا. وزيراعظم چيو ته قوم جي حيثيت سان اسان آگاهي م??م، ويڪسينيشن پروگرامز، جاچ ?? علاج تائين بهتر پهچ لاءِ وائرل هيپاٽائٽس کي م??هن ڏيڻ ۾ گهڻي اڳڀرائي ڪئي آهي پر اڃا گهڻو ڪم ڪر??و آهي. اسان کي هيپاٽائٽس جي روڪٿام کي ترجيح ڏيڻي آهي. جلد سڃاڻپ کي يقيني بنائڻ ۽ سڀني جي لاءِ سستو ۽ پهچ جوڳو علاج فراهم ڪر??و آهي. هن چيو ته وزيراعليٰ پنجاب جي حيثيت سان منهنجي دور ۾ پاڪستان ڪڊني اينڊ لور ٽرانسپلانٽ انسٽيٽيوٽ جو قيام عمل ۾ آندو ويو جيڪا اهم اڳڀرائي آهي. پنجاب جي سمورن 36 ضلعن ۾ هيپاٽائٽس جي حوالي سان جديد فلٽر ڪلينڪس سان گڏوگڏ گڙدي ۽ جيري جي مريضن کي جديد ترين طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون. وزيراعظم چيو ته حڪومت هيپاٽائٽس جي ڪري درپيش چئلينجن تي ضابطو آڻڻ لاءِ پرعزم آهي، ان حوالي سان مون کي هڪ ملڪ گير مهم، جنهن جو مقصد هيپاٽائٽس سي جو خاتمو آهي، جو اعلان ڪندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي. اسان جو ڌيان جاچ ?? علاج جي مرڪزن جي بهتري تي هوندو، ان ڳالهه کي يقيني بنايو ويندو ته فراهم ٿيندڙ خدمتون اسان جي شهرين جي ضرورتن موجب هجن. وزيراعظم چيو ته يقين ڏياريان ٿو ته ملڪ جي هر شهري کي هيپاٽائٽس سي جي لاءِ اسڪريننگ ?? علاج جي سهولتن تائين مفت رسائي حاصل ٿيندي، ان قدم جو بنيادي م??صد ايڇ سي وي کان متاثر ماڻهن جي صحت ۽ ڀلائي لاءِ ڪوششن کي بهتر ڪر??و آهي ۽ ان سان گڏوگڏ ان جي نقصانن کي گهٽائڻ، جگر جي ڪينسر ۽ ان بيماري جي ڪري فوتگين جي خدشن کي گهٽ ڪر??و آهي. وزيراعظم چيو ته ”اچو، هيپاٽائٽس جي هن عالمي ڏينهن تي، اسان هيپاٽائٽس جي حوالي سان آگاهي، وائرل هيپاٽائٽس کان متاثر ماڻهن جي مدد ڪر?? ۽ ان بيماري جي بار کان آزاد مستقبل جي لاءِ ڪم ڪر?? جي پنهنجي ڪوششن ۾ متحد ٿيون، اسان سڀ گڏجي هڪ صحتمند ۽ خوشحال قوم بڻجي سگهون ٿا“.