اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ منصوبن جي جلد تڪميل تي زور ڏيندي چيو آهي ته صوبي جون پاڻي ضرورتون پوريون ڪرڻ، زراعت جي فروغ ۽ غذائي تحفظ جي لاءِ وفاقي حڪومت جي تعاون سان ڪڇي ڪينال جي جلد تڪميل ضروري آهي، صوبائي حڪومت بلوچستان جي ترقي ۽ عوامي خوشحالي جي لاءِ موثر قدم کڻي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري، بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي سان ڳ??له??ئي رهيو هو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. بلوچستان جي وڏي وزير صدر کي صوبي جي مجموعي صورتحال بابت آگاهه ڪيو. وڏي وزير صدر کي صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بابت ٻڌايو. بلوچستان جي وڏي وزير صدر کي عوامي ڀلائي جي لاءِ ص??بي ۾ جاري ترياتي منصوبن تي بريفنگ ڏني. صدر صوبي ۾ جاري منصوبن ۽ امن امان جي لاءِ ص??بائي حڪومت جي قدمن تي اطمينا?? جو اظهار ڪيو.