ڪوئيٽا – 08 – جولائي (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي صوبائي حڪو??ت تي زور ڏنو آهي ته مشاورت سان مسئلن جي نشاندهي ڪري ۽ انهن جي حل جي لاءِ ٺوس منصوبابندي ڪئي وڃي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گورنر ه??ئوس ڪوئيٽا ۾ مسلم ليگ (ن) جي پارليامينٽ ميمبرن جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي وز??راعظم چي?? ته بلوچستان مان چونڊيل نمائندا صوبي جي ترقي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چي?? ته بلوچستان ۾ صوبائي اتحادي حڪومت مشاورت سان مسئلن جي نشاندهي ڪري ۽ انهن جي حل لاءِ ٺوس منصوبابندي ڪئي وڃي. وز??راعظم چي?? ته مسلم ليگ (ن) عوامي خد??ت تي يقين رکي ٿي، پارٽي جا چونڊيل نمائندا عوامي ڀلائي تي ڌيان ڏين ۽ بلوچستان جي گورنر ۽ وڏي وز??ر سان مشاورت سان تڪن ۾ ترقياتي منصوبن جي تڪميل ۽ درپيش مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻن. ملاقات ۾ بلوچستان سان تعلق رکندڙ مسلم ليگ (ن) جي پارليامينٽ ميمبرن سان گڏوگڏ وفاقي وز??ر ڄام ڪمال خان، اعظم نذير تارڙ، بلوچستان جو گورنر جعفر خان مندوخيل ۽ پارٽي عهديدار پڻ موجود هئا.