ابوظه??ي ?? 23 – مئي (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف سان دبئي ۾ ڪم ڪندڙ آءِ ٽي ڪمپنين جي گڏيل عرب امارات ۽ پاڪستان جي پروفيشنلز ملاقات ڪئي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب ??زي??اعظم شهباز شريف ابوظهبي ۾ گڏيل عرب امارات، پاڪستان ٽيڪنالاجي تعاون جي موضوع تي رائونڊ ٽيبل سيشن ۾ شرڪت ڪئي. ان تقريب جو انعقاد پاڪستان سافٽ ويئر هائوسز ايسوسيئيشن ۽ پاڪستان سافٽ ويئر ايڪسپورٽ بورڊ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت جي تعاون ۽ ابوظهبي ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي معاونت سان ڪيو ويو هو. ان تقريب ۾ يو اي اي ۾ قائم آءِ ٽي ڪمپنين جي سربراهن ۽ نمائندن کانسواءِ پاڪستاني آءِ ٽي ماهرن پڻ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ نائب ??زي??اعظم ۽ پرڏيهي ??زي?? محمد اسحاق ڊار، واپار واري وفاقي ??زي?? ڄام ڪمال خان، دفاع واري وفاقي ??زي?? خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زي?? عطاءُ الله تارڙ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام واري مملڪتي ??زي?? شزه فاطمه خواجه ۽ ??زي??اعظم جي خاص معاون سيد طارق فاطمي پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ??زي??اعظم پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ڀائراڻن ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل لاڳاپن جو حوالو ڏنو. هن پاڪستان ۽ يو اي اي جي وچ ۾ ??ضب??ط اداراجاتي ۽ عوامي سطح جي لاڳاپن جو پڻ ذڪر ڪيو. ??زي??اعظم چيو ته ٻئي ملڪ جدت ۽ خوشحالي جي لاءِ هڪ جهڙو عزم رکندڙ آهن. ??زي??اعظم ان موقعي تي پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي آءِ ٽي ڪمپنين ۽ پروفيشنلز کي آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ وڌيڪ موقعا ڳولڻ جي لاءِ انهن جي خدمتن کي ساراهيو. ??زي??اعظم پاڪستاني آءِ ٽي انٽرپرائيزز ۽ گڏيل عرب امارات جي ڪمپنين جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. اهو رائونڊ ٽيبل ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن جي شعبي ۾ وڌيڪ تعاون جي لاءِ هڪ منفرد سيشن هو. ان سيشن جو بنيادي مقصد گڏيل عرب امارات جي آءِ ٽي ڪمپنين کي پاڪستاني ڪمپنين سان ??ضب??ط لاڳاپن، انهن جي ڪامياب ڪهاڻين جي اعتراف ۽ ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد ۾ بزنس ٽو بزنس لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ ۽ مستقبل جي حصيداري جي لاءِ هڪ جڳهه گڏ ڪرڻ هو. ??زي??اعظم شرڪت ڪندڙن سان خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي ۽ مختلف تجويزن ۽ سوالن جا جواب ڏنا. هن ملڪ جي ڊيجيٽل معيشت ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ سندس حڪومت جي عزم کان پڻ شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو جڏهن ته سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. ??زي??اعظم جي موجودگي ۾ پاڪستاني ۽ گڏيل عرب امارات جي آءِ ٽي ڪمپنين ۾ ڊيجيٽل ٽرانسفارميشن تي عملدرآمد جي حوالي سان ٽن مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. ان موقعي تي اماراتي ڪمپنين ۾ ايوارڊ پڻ ورهايا ويا.