اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان سوئٽ??رل??نڊ سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري، ڪلائميٽ، سياحت ۽ مائيگريشن ۾ تعاون کي وڌائڻ جا وسيع امڪان موجود آهن. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن سوئٽ??رل??نڊ ج?? سفير جارج سٽينر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪندڙ سوئس ڪمپ??ين کي ساراهيو ۽ وڌيڪ سوئس ڪمپ??ين کي پاڪستان ۾ خا طور تي قابل تجديد توانائي ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني. اسحاق ڊار ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گذريل سال ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ تي مفاهمت جي يادداشت (ايم او يو) جو حوالو ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته اهو ڌرين جي وچ ۾ وڌيڪ تعاون کي فروغ ڏيندو جنهن سان اهي مستقبل ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي ۽ مهارت کي استعمال ۾ آڻي سگهندا. ملاقات ۾ علائقائي صورتحال ۽ گهڻ رخي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير گهڻ رخي معاملن ۾ سوئيٽ??رل??نڊ ج?? ڪردار سان گڏوگڏ انساني همدرديءَ ۽ امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ ملڪ جي تعاون کي پڻ ساراهيو. واضح رهي ته سوئيٽ??رل??نڊ ج?? پرڏيهي وزير گذريل سال جولاءِ ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو هو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ان سال جنوري ۾ ٻطرفي س??اس?? مشاورت ٿي هئي.