اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) جمهوريه ازبڪستان جو پرڏي??ي وزير بختيار سيدوف ٻ?? ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو. پرڏيهي آفيس موجب گادي واري شهر اچڻ تي ازبڪ پرڏي??ي وزير جو شاندار استقبال ڪيو ويو، پرڏي??ي وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل وچ ايشيا ۽ اي سي او اعزاز خان سندس استقبال ڪيو. دوري دوران پرڏي??ي وزير بختيار سيدوف وزيراعظم محم?? شهباز شريف سان ملاقات ڪندو ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏي??ي وزير محمد اسحاق ڊار سان گڏيل دلچسپي جي وسيع تر ٻطرفن معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندو جنهن ۾ واپار ۽ رابطن تي خاص ڌيان ڏنو ويندو.