اسلام آباد– 02 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايندڙ پنجن سالن ۾ ملڪي روانگي واپار ٻيڻو ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي ٺاهڻ، اي ڪامرس شعبي ۾ بر??مد ڪندڙن کي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ واپار واري وزارت کي ”ميڊ ان پاڪستان“ بر??نڊ بر??مد ڪندڙن جا مسئلا فوري ??ل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ بر??مدي شعبي جي ترقي بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ڄام ڪمال خان، راڻا تنوير حسين، اي ڪامرس شعبي جي ناليوارن بر??مد ڪندڙ انٽر پرينيورز بشمول يوٽوپيا جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جبران نياز، ذيشان شاهه، سلمان احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي پاڪستان ۾ بر??مدي شعبي جي ترقي جي لاءِ تجويزون پيش ڪيون ويون. وزيراعظم کي بر??مدي شعبي جي سهولت جي لاءِ سفارشون ۽ بر??مدات کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم واپار واري وزارت کي سمورين ڌرين ۽ انٽر پرينيورز سان مشاورت کانپوءِ ملڪي بر??مدات کي ايندڙ پنجن سالن ۾ ٻيڻو ڪرڻ جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم اي ڪامرس شعبي ۾ بر??مد ڪندڙن کي سهولتون ڏيڻ ۽ واپار واري وزارت کي ”ميڊ ان پاڪستان“ بر??نڊ بر??مد ڪندڙن جا مسئلا فوري ??ل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي بر??مدي شعبي جي مڪمل صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن هدايت ڪئي ته آءِ ٽي، گهريلو استعمال جي مصنوعات، ٽيڪسٽائيل ۽ منفرد شعبن جي روانگي واپار جي فروغ جي لاءِ سڀني لاڳاپيل ڌرين کي اعتماد ۾ ورتو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اهڙيون بر??مدات جيڪي عالمي ويليو چينز جو حصو هجن انهن جي صنعت جي ترقي جي حوصلا افزائي جي لاءِ سفارشون جوڙي پيش ڪيون وڃن.