اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معام??ن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته قوم?? ا??يمبلي جو اجلاس گهرائڻ ۾ ڪو تعطل يا ڊيڊ لاڪ نه آهي، ??ئي?? تحت چونڊن کانپوءِ قوم?? ا??يمبلي جو اجلاس 29 فيبروري تائين گهرائي سگهجي ٿو، ڪنهن پارٽي وٽ سادي اڪثريت نه آهي، سياسي پارٽين جي وچ ۾ ڳالهيون هلي رهيون آهن، پاڪستان جي ??ئي?? ۾ هر صورتحال مان نڪرڻ جو رستو موجود آهي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيند?? ا??لاعات ۽ پارلياماني معام??ن واري نگران وفاقي وزير چيو ته اهي ماڻهو جيڪي مختلف طرح سان ماڻهن جي خدمت ڪن ٿا، انهن جي لاءِ آواز بلند ڪرڻ گهرجي، اهي شاعر، موسيقار، فنڪار، ڊرامي نگار جيڪي ڪروڙپتي نه آهن، انهن جي خدمتن جو اعتراف ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اشرافيه جي ڪلبز کي به گهرجي ته اهي اهڙن ماڻهن جي خدمتن جو اعتراف ڪن، ڪنهن کي ميمبرشپ ڏيڻ وقت رڳو پئسي کي نه ڏٺو وڃي، خدمتن کي به ڏٺو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معام??ن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ??ئي?? تحت چونڊن کانپوءِ قوم?? ا??يمبلي جو اجلاس 29 فيبروري تائين گهرائي سگهجي ٿو جنهن ۾ اڃا ڪجهه ڏينهن باقي آهن. هن چيو ته اها معمول جي ڪارروائي آهي، ان ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل يا ڊيڊ لاڪ نه آهي. نگران وفاقي وزير چيو ته ورڇ ٿيل پارليامينٽ آهي، ڪنهن سياسي پارٽي وٽ سادي اڪثريت نه آهي، سياسي پارٽين جي وچ ۾ ڳالهيون هلي رهيون آهن. هن چيو ته پاڪستان جو ??ئي?? جامع ۽ تفصيلي آهي، فرض ڪريو ته سياسي پارٽين جي وچ ۾ ڪنهن قسم جو اتفاق راءِ پيدا نٿو ٿئي ته ??ئي?? ۾ ان جو رستو موجود آهي.