اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اتر وزيرستان ۾ پاڪ فوج جي قافلي تي دهشتگردن جي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي ناسور جي ملڪ مان خاتمي تائين ا?? جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. پاڪ فوج ۽ قانون لا??و ڪندڙ ادارن جون ملڪ جي بقاءَ جي لاءِ قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ رزمڪ، اتر وزيرستان ۾ پاڪ فوج جي قافلي تي دهشتگردن جي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ٻن جوانن جي ش??ادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن شهيد لانس نائيڪ احسان بادشاهه ۽ شهيد لانس نائيڪ ساجد حسين جي گهرڀاتين سان همدرديءَ جو اظهار، شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ سوڳوارن جي لاءِ صبر جميل جي ??عا ڪئي آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي ناسور جي ملڪ مان خاتمي تائين ا?? جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. پاڪ فوج ۽ قانون لا??و ڪندڙ ادارن جون ملڪ جي بقاءَ جي لاءِ قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آهن. نگران وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري قوم کي پنهنجي ش??يدن ۽ انهن جي گهرڀاتين تي فخر آهي.